اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪمبوڊيا جي شهر نوم پنه ۾ 29 هين آسيان ري??نل فورم جي وزارتي اجلاس جي موقعي ت?? پنهنجي جاپاني هم منصب هياشي يوشيما سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ گ??ريل 70 سالن ۾ مسلسل اضافو ٿيو آهي. ٻنهي اڳوڻن ٻطرفي سياس?? لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل واپاري ۽ اقتصاد?? لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ پرڏيهي وزير هياشي يوشيما پاڪ جاپان لاڳاپن کي رفتار فراهم ڪرڻ ج?? لاءِ ه?? سطح تي ٻطرفا رابطا وڌائڻ کي ورجايو. هنن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي رابطي ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.