اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته معاشي طور تي خودمختيار ٿيڻ لاءِ ضرورتمندن جي مدد سان ملڪ ۾ معاشي استحڪام ا??ند??، اخوت فائونڊيشن جي بنا وياج قرض وا??ي سروس خاص طور تي ضرروتمند عورتن لاءِ واکاڻ جوڳي ۽ حوصلي وا??ي آهي، عوام کي درپيش معاشي چئلينجز لاءِ اخوت فائونڊيشن جي تعاون جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ اخوت فائونڊيشن جي باني ۽ چيئرپرسن ڊاڪٽر امجد ثاقب سان ملاقات دوران ڳالهائ??ند?? ڪيو. اسپيڪر راجا پرويز اشرف صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ اخوت جي منصوبن کي ساراه??ند?? انهن شعبن ۾ اخوت جي دلچسپي کي ساراهيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اخوت گوجر خان ?? پن??نج?? خدمتن کي وڌائ??ند?? ڇو ته گوجر خان ?? تقريبن پنج هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو اخوت جي تعاون مان مستفيد ٿيا آهن، هن ايندڙ هفتي گوجر خان ?? اخوت جي سيمينار ۾ شرڪت تي به آمادگي ظاهر ڪئي، اخوت فائونڊيشن جي چيئرپرسن ڊاڪٽر امجد ثاقب اسپيڪر کي ننڍو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ بنا وياج قرضن جي اسڪيمن جي باري ۾ ٻڌايو. هن چيو ته اخوت پن??نج?? خدمتن ۾ صحت، تعليم جي شعبي جو به آغاز ڪيو آهي، هن چيو ته تازو ئي اخوت چڪوال ۾ يونيورسٽي جو آغاز ڪيو آهي، هن اسپيڪر راجا پرويز اشرف کي چڪوال يونيورسٽي ۾ مدعو ڪيو. هن اسپيڪر کي اخوت جي نوجوانن کي آن لائن ڪاروبار جهڙوڪ ايميزون وغيره جي تربيت ڏيڻ جي نون منصوبن جي باري ۾ آگاهه ڪيو.