اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ ??شر??ات واري وفاقي وزير مريم ا??رنگزيب ملڪي فلمي صنعت کي رليف ڏيڻ ل??ءِ فلم ا??نڊ ڪلچر پاليسي 2018ع جي بحالي جو وڏو فيصلو ڪندي چيو آهي ته فلم ۽ ثقافت جي اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کانپوءِ جوڙيل تجويزن کي بجيٽ جو حصو بڻايو ويندو، ان حوالي سان جلد سفارشون تيار ڪري وزيراعظم کي پيش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلم پروڊيوسرز ايسو??يئ??شن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ ايسو??يئ??شن جو ايگزيڪيٽو ميمبر عرفان ملڪ، شيخ امجد رشيد، پير سعد، سيد نور، ساتش آنند ۽ بدر اڪرام شامل هئا. وفاقي وزير چيو ته پنجابي فلم اسان جو قيمتي اثاثو آهي جنهن تي هن وقت جمود طاري آهي، ان ۾ وري جان وجهنداسين. هن چيو ته ٻارن جي ل??ءِ تيار ٿيندڙ مواد تي خصوصي رعايت ڏينداسين ته جيئن ٻارن ل??ءِ بهترين فلمن، ڪارٽونن، ڊرامن، ڪهاڻين ۽ تعليم ۽ تربيت بابت پروگرامن جي حوصلا افزائي ٿئي. هن چيو ته فلم کي صنعت جو درجو ڏئي رهيا آهيون، صنعت جي طور تي ان شعبي کي رعايت ڏينداسين، فلمن جي ڪهاڻي، معيار، ٽيڪنالاجي بهتر بڻائڻ ان قومي پاليسي جو حصو آهي ان کانسو??ءِ ان ۾ سينيما گهرن جي بحالي، نون سينيما گهرن جي تعمير ۽ فنڪارن جي ل??ءِ مراعتون شامل آهن. مريم ا??رنگزيب چيو ته عوام کي تفريح جي فراهمي ل??ءِ ٽڪيٽ جي قيمت گهٽ، شوٽنگ لاءِ اج??زت نامن کي آسان بڻائينداسين، فلم، ڊراما، اسٽيج ۽ فنون لطيفه پاڪستان جي عالمي اميج کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته عدم برداشت، انتشار اسان جي معاشري ۾ نه هو اهو پيدا ڪيو ويو، ان کي ختم ڪرڻو آهي، فلم، ڊراما ۽ فنون لطيفه معاشري جي ادبي، اخلاقي، تهذيبي ۽ علمي ۽ روايتي زندگي هوندا آهن، اهي روح زنده ڪندا آهن. هن چيو ته معياري فلمن جي هن وقت تمام گهڻي ضرورت آهي، ان شعبي کي ٽيڪنالاجي ۽ جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪنداسين، پاڪستاني فلمن جي ايڪسپورٽ جي حوصلا افزائي ڪنداسين ۽ گڏيل پروڊڪشن جي امڪانن کي فروغ ڏينداسين، فلم سازي ل??ءِ اوزار ۽ مشينري جي درآمد ۾ حڪومت تعاون ڪندي. اطلاعات واري وزير فلم ا??ڊسٽري تي لاڳو وڌ هولڊنگ ٽيڪس جي خاتمي جو مطالبي تي غور ڪرڻ جي خاطر ڪرائي. فلم پروڊيوسرز ايسو??يئ??شن جي وفد وفاقي وزير مريم ا??رنگزيب کي فلمي صنعت جي بحالي جي باري ۾ قدمن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات ۽ ??شر??ات واري وفاقي وزير خاطري ڪرائي ته فلم پروڊيوسرز ايسو??يئ??شن جي مطالبن، مسئلن ۽ انهن جي حل ل??ءِ گڏجي ڪم ڪيو ويندو.