اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آئين ۽ قانون موجب هلنداسين ته ملڪ اڳتي وڌندو، اسان کي انتشار ۽ ورڇ ??ي سازش کي روڪڻ ۽ ملڪ کي پرامن ۽ خوشحالي بڻائڻو آهي، سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ بخوبي انجام ڏنو آهي، سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪار آئين ۽ قانون تحت عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار چڱي طرح نڀايو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ريڊ زون جي دوري جي موقعي تي ڪيو، ان موقعي تي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف به ساڻس گڏ هو. وزيرا??ظم سيڪيورٽي اهلڪارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ فرضن جي بهترين انجام دهي تي خراج تحيسن پيش ڪيو ۽ سيڪيورٽي مقرر اهلڪارن جي جذبي کي ساراهيو. ان موقعي تي وزيرا??ظم چيو ته سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن آئين ۽ قانون موجب پنهنجا فرض سرانجام ڏنا آهن. اهو قومي فرض آهي، ملڪ اسان سڀني جو آهي، قوم به اها ئي اميد ڪري ٿي ته ذاتي پسند ناپسند کان مٿانهون ٿي ڪري آئين ۽ قانون موجب هلنداسين ته ملڪ ترقي، خوشحالي، اتفاق طرف وڌندو، وزيرا??ظم چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ تي ملڪ جي مفاد لاءِ آئين ۽ قانون جو رستو وٺندي س??ڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن پنهنجا فرض سرانجام ڏنا آهن، اهو ئي قائدا??ظم جو خواب هو، اسان سڀني کي گڏجي ايثار، قرباني، حب الوطني جي جذبي سان ملڪ کي تعمير ڪرڻو آهي ۽ نفرت کي ختم ڪرڻو آهي. محبت ۽ قومي جذبي کي فروغ ڏيڻو آهي، مشڪل حالتن ۾ سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جو فرض چڱي طرح سرانجام ڏنو آهي. وزيرا??ظم چيو ته اسان گڏجي ملڪ کي قائدا??ظم جو پاڪستان ٺاهينداسين، وزيرا??ظم پاڪستان رينجرز، اسلام آباد پوليس، ٽريفڪ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام جون دعائون توهان سان گڏ آهن، اسان جي دعا آهي ته ملڪ امن ۽ خوشحالي، ترقي طرف وڌي، انتشار ۽ ويڇي کي اسان کي روڪڻو آهي، قوم جي اندر تقسيم در تقسيم پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ان سازش کي به اسان کي روڪڻو آهي، ان موقعي تي وزيرا??ظم سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن سان هٿ به ملايو ۽ پاڪستان زنده باد جا نعرا به لڳايا.