اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بڪين ۽ جيري جي اسپتال پاڪستان ڪڊني ا??نڊ لور انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ا??ل آءِ) لاهور جي بورڊ جي بحالي جو باضابطه حڪم جاري ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڊاڪٽر سعيد اختر کي آمريڪا مان واپس گهرائي پوءِ پي ڪي ا??ل آءِ جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن پي ڪي ا??ل آءِ جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس جي صدارت ڪئي هئي، چار سال اڳ ڊاڪٽر سعيد اختر عدالتي ڪارروائي ۽ ٻين مسئلن کانپوءِ آمريڪا واپس هليو ويو هو، ڊاڪٽر سعيد اختر شهباز شريف پاران جذبو ڏيارڻ تي آمريڪا مان سڀ ڪجهه ڇڏي پاڪستان آيو هو، وزيراعظم شهباز شريف ڊاڪٽر سعيد اختر کي واپس آڻڻ ۾ ذاتي طور تي ڪردار ادا ڪيو، پي ڪي ا??ل آءِ گردي ۽ جگر جي ??يوندڪاري جو جديد ترين ۽ عالمي معيار رکندڙ اولين ادارو آهي، ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف وڏي وزير طور اهو منصوبو جگر ۽ گردي جي ??ريضن کي ٻاهرين ملڪ ع??اج جي ??هانگي خرچن ۽ سفري وقت بچائڻ لاءِ بڻايو هو، عمران خان حڪومت ۾ ان منصوبي کي به سياسي ا??تقام جو نشانو بڻايو ويو هو.