اسلام آباد – 14 R11; مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ??ار??ياماني وفد سان گڏ اسلام آباد ۾ يو اي اي جي سفارتخاني ۾ وڃي متحده عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، سينيٽ چيئرمين تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات لکيا، هن چيو ته شيخ خليفه بن زيد النهيان جو لاڏاڻو نه رڳو يو اي اي جي عوام لاءِ وڏو نقصان آهي پر پاڪستانين ۽ مسلمان امت لاءِ وڏو صدمو آهي، سندس وفات سان پاڪستان هڪ سچي ۽ مخلص دوست کان محروم ٿي ويو آهي. انسانيت ۽ مسلمان امت جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ شيخ خليفه بن زيد النهيان جون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. سينيٽ چيئرمين چيو ته هو يو اي اي جي حڪومت ۽ عوام جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، سينيٽ چيئرمين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي. سينيٽ چيئرمين سان گڏ ??ار??ياماني وفد ۾ ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ڊاڪٽر شهزاد وسيم، سينيٽرز پرنس احمد عمرزئي، مولانا عبدالغفور حيدري، عبدالقار، دوست محمد، نصيب الله بازئي شامل هئا. ??ار??ياماني وفد شيخ خليفه بن زيد النهيان جي مغفرت سلاٹ_گیمز/105736.html">۽ ب??ند درجن لاءِ دعا ڪئي.