اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي اهم اداري جي خلاف گذريل ڏينهن جيڪو زهر اوڳاڇيو ويو حقيقت ۾ اها پاڪستان جي خلاف سازش آهي، جيڪڏهن ان جو رستو نه روڪيو وي?? ته شام ۽ ليبيا جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، گذريل حڪومت ۾ ملڪ جي مجموعي قرضن جي شرح ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪري ايندڙ نسلن کي پڻ گروي رکيو ويو، ڏينهن رات چور ۽ ڦورو جو راڳ آلاپي قوم کي ورهايو ويو، جيڪڏهن ان جو نوٽيس نه ورتو ويو ۽ صورتحال بي قابو ٿي وئي ته پوءِ ڪجهه نه بچندو، جن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ آهي اسان ان جو نوٽيس وٺنداسين. قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبر نور عالم خان پاران خيبرپختونخواهه صوبي سميت ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ۽ مهانگائي جي صورتحال جي حوالي اعتراض واري ن??طي تي وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه صوبي سميت ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي چي?? ته پهرين مئي کانپوءِ لوڊشيڊنگ ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي پر معزز ميمبر جي ڳالهه کي رد نه ڪندس. هن چي?? ته حقيقت اها آهي ته جڏهن اسان ساڍا ٽي هفتا اڳ اقتدار سنڀاليو ۽ هڪ جهرلو ۽ ڌانڌلي جي پيداوار حڪومت کان آئيني طريقي سان جان ڇڏرائي. ماضي جي حڪومت تيل ۽ گئس وقت تي ن?? خريد ڪئي وئي، جڏهن دنيا ۾ گئس 3 ڊالر في يونٽ هئي ان وقت نه گهرائي وئي ۽ مهانگو تيل خريد ڪيو. هن چي?? ته سستي ترين گئس نه خريد ڪري ملڪ کي اربين رپين جو نقصان پهچايو ويو. هن چي?? ته سال ۾ هڪ ڀيرو بجلي جي پلانٽس جي مرمت ٿيندي آهي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي دور ۾ اهو فيصلو ٿيو ه?? ته انهن پلانٽس جي مرمت سردين ۾ ڪئي وڃي ته جيئن عوام کي لوڊشيڊنگ کي منهن نه ڏيڻو پوي پر اڳوڻي حڪومت ان فيصلي جي پرواهه نه ڪئي. هن چي?? ته اسان گئس جا ٽينڊر به طلب ڪري ورتا آهن. ملڪ کي ان وقت ساڍا 5 هزار ارب رپين جي تاريخ جو سڀ کان وڏو خسارو درپيش آهي. 2018ع کانپوءِ پاڪستان جي مجموعي قرضن ۾ 80 کان 85 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو پر ملڪ ۾ هڪ نئين سرهه تائين نه رکي وئي. وزيراعظم چي?? ته قرضن جي بار سان ايندڙ نسلن کي پڻ گروي رکيو ويو ۽ قوم جو وقت ضايع ڪيو ويو. شهباز شريف چي?? ته ڏينهن رات چور ۽ ڦورو جو راڳ آلاپيو ويو جنهن سان قوم ۾ ورڇ ٿي چڪي آهي ۽ هر طرف اهو زهر پکڙجي ويو آهي. هن چي?? ته آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير اهو چيو آهي ته مون اهو خط لکي?? ته ڌمڪي آميز لفظ ضرور آهن پر سازش جو لفظ هن استعمال ناهي ڪيو. هن چي?? ته هينري ڪسنجر ذوالفقار علي ڀٽو کي ائٽمي قوت جي حوالي سان ڇا چيو اهو رڪارڊ جو حصو آهي. هن چي?? ته اسان کي اڳ ۾ به ڌمڪيون ملنديون رهيون، ڌمڪين جي تاريخ تمام گهڻي ڊگهي آهي، ان ۾ سازش جو عنصر ڪٿان نڪتو آهي. عمران خان گذريل ڏينهن پنهنجي خطاب ۾ سراج الدوله ۽ مير جعفر جا نالا وٺي ادا??ن کي نشان بڻايو، ان کان ڪڌي حرڪت ڪا ٻي ن?? ٿي سگهي ٿي. هن اداري جي خلاف زهر اوڳاڇيو اها پاڪستان جي خلاف سازش آهي. جيڪڏهن ان جو رستو نه روڪيو وي?? ته شام ۽ ليبيا جي صورت پيدا ٿي سگهي ٿي. هن چي?? ته هي ملڪ قائداعظم جي تحريڪ ۽ لکين مسلمانن جي قربانين جو ثمر آهي. هن چي?? ته آئون بنا ڪنهن خوف ۽ ترديد اهو چوڻ چاهيان ٿ?? ته ان مقتدار اداري اڳوڻي حڪومت جي ڀرپور سپورٽ ڪئي پر ان جي باوجود اها بري طرح ناڪام ٿي. هن چي?? ته جيڪڏهن ان جي مقابلي ۾ ڪنهن ٻي حڪومت کي اهڙي قسم جي سپورٽ حاصل ها ته ملڪ کي ترقي کي پَر لڳي وڃن ها. هن چي?? ته جيڪا زبان استعمال ڪئي وئي آهي ان کي آئين 7 قانون جي دائري ۾ رهندي ن?? روڪيو وي?? ته ڀونچال اچي سگهي ٿو. هن چي?? ته جيڪڏهن جمهوريت جي مقابلي ۾ ڪو ٻيو نظام اچي وي?? ته اهو خطرناڪ هوندو. وزيراعظم چي?? ته ان سازش جو نوٽيس نه ورتو ويو ۽ صورتحال قابو کان ٻاهر ٿي وئي ته پوءِ ڪجهه نه بچندو. هن ايوان کي يقين ڏياري?? ته هو خيبرپختونخواهه ۽ ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ ٿيندڙ لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺندو. ان کان اڳ تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر نور عالم خان اعتراض واري ن??طي تي چي?? ته وزيراعظم عيد کان اڳ اعلان ڪيو ه?? ته پهرين مئي کان لوڊشيڊنگ نه ٿيندي، وزيراعظم جي ان اعلان تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي. هن چي?? ته خيبرپختونخواهه ۾ 12 کان 16 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. هن چي?? ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته گيهه، کنڊ ۽ اٽو ڇو مهانگو ٿي رهيو آهي. غريب ماڻهو اهو برداشت نه ٿا ڪري سگهن. حڪومت کي دليراڻا فيصلا ڪرڻا پوندا. جن ماڻهن لوڊشيڊنگ جي حوالي سان حڪم جي انحرافي ڪئي آهي انهن جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.