اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آئين جي بالادستي سان ئي پ??ڪس??ان ۾ جمهوري ادارن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان قومي اسيمبلي ميمبر محسن شاهنواز رانجها اسلام آباد ۾ ملا??ات ڪئي. ملا??ات ۾ پ??ڪس??ان ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ پ??ڪس??ان جي معاشي ترقي جي حوالي سان معاملا بحث هيٺ آيا. ملا??ات دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آئين جي بالادستي سان ئي پ??ڪس??ان ۾ جمهوري ادارن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته جمهوري ادارن جي مض??وط?? ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. محسن شاهنواز رانجها ان يقين جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم شهبازشريف جي قيادت ۾ وفاق?? حڪومت ۾ ترقي جي اها ئي رفتار نظر ايندي جيڪا سندس قيادت ۾ پنجاب ۾ ڏٺي وئي.