اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد چيو ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، سپريم ڪورٽ جو جيڪو به فيصلو ه??ند?? اسانکي قبول ه??ند??. انهن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ جي ٻاهر پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان ??ان گڏ صحافين ??ان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي خط ۾ چيو ويو ته وزيراعظم کي ج??ڪڏهن نٿو هٽايو وڃي ته پاڪستان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا، ان تي ڪيترائي سوال اٿن ٿا، عدم اعتماد کان ٽي ڏينهن اڳ قومي سيڪيورٽي ڪميٽي ج?? اجلاس رکيو ويو هو، اپوزيشن چيو ته قومي سيڪيورٽي ڪميٽي اجلاس لاءِ اسانکي ڪو دع??ت نامو ناهي ڏنو ويو، انهن کي باضابطه خط لکي گهرايو ويو پر اهي نه آيا، متحده اپوزيشن جو مقصد عدم اعتماد آڻي چونڊن ۾ آءِ وي ايم مشين جي استعمال کي ختم ڪرڻو هو، انهن جو مقصد نيب ۽ اوورسيز پاڪستانين جي ووٽ کي ختم ڪرڻو هو، پرڏيهي سازش جي ج??ستائين جاچ نٿي ٿئي عدم اعتماد نٿي ٿي سگهي. فيصل جاويد چيو ته اسانجون نون چونڊن لاءِ تياريون عروج تي هجن، اپوزيشن خوفزده ڇو آهي عوام ۾ اچي ۽ ميدان ۾ مقابلو ڪري. ان موقعي تي علي محمد خان چيو ته ا??ان گورننس تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون، مهانگائي کي تسليم ٿا ڪريون، معاملو تبديل ٿي ويو آهي، هاڻي معاملو رياست جو ٿي ويو آهي، پاڪستان جا فيصلا پرڏيهه مان نه ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته روس رڳو بهانو آهي عمران خان نشانو آهي.