اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سينيئر ص??اف??، ڪالم نويس عطاءُ الرحمان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته عطاءُ الرحم??ن سدائين پنهنجي قلم سان عوامي مسئلا اجاگر ڪيا، ان جون پيشيواراڻيون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. فرخ حبيب چيو ته صحافتي برادري هڪ سٺي ۽ ڏاهي ص??اف?? کان محروم ٿي وئي آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ عطاءُ الرحمان کي جنت نصيب ڪري ۽ گهرڀاتين کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.