اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته صارفين ”راست“ موبائيل ايپليڪيشن ذريعي پنهنجي اڪائونٽس ۾ رقم موڪلي ۽ وصول ??ري سگهندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان اسٽيٽ بئنڪ پاران تيار ڪيل پاڪستان جو پهريون انسٽنٽ پيمنٽ سسٽم ”راست“ جاري ??ري ڇڏيو آهي. ان پروگرام جو مقصد انفرادي ادائيگين ۾ آساني پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته صارفين راست موبائيل ايپليڪيشن جي ذريعي پنهنجي اڪائونٽس ۾ رقم موڪلي ۽ وصول ??ري سگهندا.