اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ماضي ۾ نوجوانن جا سياسي رشوت جا پروگرام شروع ڪيا ويا، نوا?? شريف ۽ شهبا?? شريف ذاتي تشهير ڪندا هئا، عثمان ڊار جا ٿورائتا آهيون جو هن نوجوانن کي سياسي رشوت جي پروگرامز مان ڪڍيو، 40 ??رب رپين جا قرض نوجوانن جي لاءِ منظور ڪيا ويا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته ماضي ۾ (ن) ليگ نوجوانن جي نالي تي جيڪي پروگرام?? شروع ڪيا اهي رڳو پنهنجي ذات جي لاءِ هئا، انهن ته پرائيم منسٽر لون پروگرام جو سربراهه به مريم نواز کي بڻايو هو. مملڪتي وزير چيو ته (ن) ليگ ان پروگرام تحت رڳو 26 ??رب رپيا ورهايا، اسان رڳو ڪامياب جوان پروگرام جو هدف 50 ??رب رپين تائين وڌائينداسين. مملڪتي وزير چيو ته ماضي ۾ نوجوانن جي لاءِ سياسي رشوت جا جيڪي پروگرام شروع ڪيا ويا انهن سان نوجوانن جو ڪو فائدو نه ٿيو. رڳو نوا?? شريف ۽ شهبا?? شريف جي ذاتي تشهير ٿي. هن چيو ته آئون عثمان ڊار جو ٿورائتو آهيان جو هن نوجوانن کي سياسي رشوت جي پروگرامن مان ڪڍيو، ڪامياب جوان پروگرام ۾ شفاف نظام متعارف ڪرايو. وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ هڪ ٺوس پروگرام کڻي آياسين جنهن جا ثمر حاصل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته بئنڪن کي نوجوانن کي قرض فراهم ڪرڻ جي لاءِ راضي ڪيو. فرخ حبيب چيو ته گذريل دورن ۾ شروع ڪيل پروگرامن سان ملڪي معيشت ڪمزور ٿي، نوجوانن جو تمام وڏو حصو نوڪرين جي ڳولا ۾ رهيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته 40 ??رب رپين جا قرض نوجوانن جي لاءِ منظور ڪيا ويا آهن، 30 ??رب رپين جي منظور ڪيل قرضن مان 22 هزار نوان ڪاروبار شروع ڪيا ويا آهن. مملڪتي وزير چيو ته ڪامياب جوان پروگرام ۾ اس??ار?? اپس کي پروموٽ ڪيو ويو آهي، جن وٽ وسيلن جي کوٽ هئي هاڻي اهي ان پروگرام مان فائدو کڻي پنهنجي ۽ ٻين جي روزگار جو وسيلو بڻجي رهيا آهن. هن چيو ته پروگرام تحت پهرين مرحلي ۾ 10 لک رپين تائين قرض بنا گارنٽي جي حاصل ڪري سگهجي ٿو. فرخ حبيب چيو ته 30 ??رب رپين مان 12 ??رب رپيا اس??ار?? اپس ۾ فراهم ڪيا ويا، ڪامياب جوان پروگرام ۾ عورتن به وڌي چڙهي حصو ورتو. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان شفافيت تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته 3 هزار ڪاروبار سنڌ ۾ به شروع ڪيا ويا ۽ ڪامياب جوان پروگرام ۾ قرض سياسي بنيادن تي نه پر ميرٽ ۽ شفافيت کي نظر ۾ رکي ڏنا ويا آهن. هن چيو ته 30 ??رب رپيا ڪامياب جوان پروگرام تحت ورهايا ويا آهن ۽ ڪامياب جوان پروگرام تحت 50 هزار نوڪريون ڏنيون ويون آهن. فرخ حبيب چيو ته ”هنر سڀني جي لاءِ“ پروگرام جي لاءِ 10 ??رب رپيا رکيا ويا آهن جنهن مان 25 هزار نوجوان فائدو کڻي چڪا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي آءِ ٽي ايڪسپورٽس جو ٽارگيٽ هلندڙ سال 3 ??رب ڊالر آهي. نوجوانن کي مختلف سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ ايڇ اي سي سان گڏجي ٽيلنٽ هنٽ پروگرام پڻ شروع ڪيو آهي. فرخ حبيب چيو ته پوري ملڪ ۾ ٽيلنٽ هنٽ پروگرام اڃا به جاري آهي.