اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ??حريڪ انصاف جي 20 رڪني مرڪزي ايڊوائيزري ڪميٽي جي نالن جو نوٽيفڪيشن جا??ي ڪيو ويو آهي. پاڪستان ??حريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ وزيراعظم عمران ??ان پاران ??هو نوٽيفڪيشن جا??ي ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ايڊوائيزري ڪميٽي ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، دف??ع واري وزير پرويز خٽڪ، عامر محمود ڪياني، وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، علي زيدي، حماد اظهر، علي امين گنڊاپور، شيرين مزاري، مراد سعي??، سنڌ جو گورنر عمران ??سماعيل، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان ??وري، خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان، پنجاب جو وڏو وزير عثمان ??وزدار، پنجاب جو گورنر چوڌري محمد سرور، سينيٽر سيف الله خان نيازي ۽ خان محمد جمالي شامل آهن.