اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اڄ پاڪستان پنهنجي موثر سفارتڪاري جي ڪري پوري دنيا جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، هن اها ڳا??هه اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين، مملڪت?? وزير فرخ حبيب ۽ اطلاعات وار?? وزارت جي سينئر آفيسرن جي اعزاز ۾ پرڏيه?? وزارت ۾ ڪيل چانهه جي اهتمام جي موقعي تي چئي. ان موقعي ت?? وزيراعظم جي خاص مددگار علامه طاهر اشرفي، پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهده، پي آءِ او سهيل علي خان، ايڪسٽرنل پبلسٽي جي ڊائريڪٽر جنرل عنبرين جان، اي پي پي جي ايم ڊي مبشر حسن، پي ٽي وي جو ايم ڊي عامر منظور، ايگزيڪيٽو پروڊيوسر عون ساهي، وزيراعظم جو ڊجيٽل ميڊيا بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر ارسلان خالد، جي ايم ڊجيٽل ميڊيا ونگ عمران غز??لي ۽ پرڏيه?? وزارت جي سينئر آفيسرن به شرڪت ڪئي. پرڏيه?? وزير 19 ڊسمبر تي او آءِ سي جي پرڏيه?? وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۽ ان جي ارادن ۽ مقصدن جي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ موثر تشهير تي اطلاعات وار?? وزير چوڌري فواد حسين ۽ سندس پوري ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ان جي خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته الله رب العزت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان کي هڪ تاريخي، سفارتي ڪاميابي سان نوازيو، افغانستان جي حو??لي سان منعقد او آءِ سي جي پرڏيه?? وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي ۽ اڄ پاڪستان پنهنجي موثر سفارتڪاري جي ڪري پوري دنيا جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان مارچ 2022ع ۾ او آءِ سي جي پرڏيه?? وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني ڪرڻ لاءِ به پرعزم آهي.