اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) ڊينمارڪ جي حڪومت افغانس??ان مان پنهنجي شهرين جي حفاظت سان واپسي ۾ مدد تي پاڪس??ان جو ٿورو ادا ڪيو آهي، صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي سان پاڪس??ان ۾ ڊينمارڪ جي سفير ليس روزن هولم ملاقات ڪ??ي ۽ ڊينمارڪ جي شهرين جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪرڻ ڊينمارڪ جي حڪومت ۽ عوام پاران پاڪس??ان جو ٿورو ادا ڪيو. صدر چيو ته پاڪس??ان غير ملڪي شهرين ۽ عالمي تنظيمن جي ميمبرن کي فضائي ۽ زميني رستن ذريعي ڪڍيو، ان موقعي تي پاڪس??ان جي صحت جي نظام ۾ طبي اخلاقيات جي فروغ جي حوالي سان صدر جي صدارت ۾ اجلاس منعقد ٿيو، ڊينمارڪ جي سفير اجلاس کي طبي اخلاقي طريقن ۽ ڊينمارڪ جي اعليٰ معيار جي صحت جي نظام جي باري ۾ آگاهه ڪيو، اجلاس ۾ صحت جي شعبي جي پروفيشنلز ۾ صحت جي خدمتن جي فراهمي جي اخلاقي ۽ بهترين طريقن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت ??ي زور ڏنو ويو، صدر چيو ته طب جي پيشي سان لاڳاپيل ماڻهن کي اينٽي بايوٽڪس کي غير ضروري طور تي تجويز ڪرڻ جي رجحان جي حوصلا شڪني ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اهو طبي نگهداشت جي ڪارڪنن، دواساز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي ذميداري آهي ته هو طبي اخلاقيات کي فروغ ڏين ۽ مريضن کي اينٽي بايو ٽڪس جي ضرورت کان وڌيڪ نسخي جي حوصلا شڪني ڪن، اجلاس ۾ نيشنل هيلٿ سروسز، ريگوليشن اينڊ ڪوآرڊينشن واري وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد ۽ ٻين شرڪت ڪ??ي.