اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستا?? جي 74 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ ٻن ڏينهن واري تصويري نمائش جو افتتاح ڪيو، اها تصويري نمائش 13 ۽ 14 آگسٽ 2021ع تائين جاري رهندي. افتتاحي تقريب ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هر سال وانگر هن سال به اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاڪستا?? جي عوا?? ۾ 1947ع جي آزادي جي جذبي جي تازو ڪرڻ لاءِ ان نمائش جو انعقاد ڪيو. آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان ٿيندڙ اها تصويري نمائش قائداعظم محمد علي جناح جي فعال قيادت ۾ دنيا جي نقشي تي هڪ نئين اسلامي رياست جي قيام لاءِ ننڍي کنڊ جي مسلمان?? جي ڊگهي جدوجهد ۽ لازوال قرباني?? جي ياد ڏياري ٿي. هن چيو ته ان نمائش جو بنيادي مقصد اهو آهي ته آزادي جي ڏهاڙي ۽ قرارداد پاڪستا?? جي حوالي سان نئين نسل کي اهو احساس ڏياريو وڃي ته پاڪستان ڇو اسا?? جي لاءِ ضروري هو ۽ اڄ به سڀني مسئل?? جي باوجود ڪيتري وڏي نعمت آهي ۽ ا?? جي تحفظ، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هر ڪنهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ان اميد جو اظهار ڪيو ته هلندڙ سال پاڪستا?? جي ناياب تصويرن کي ڊجيٽلائيزيشن ۽ اپ گريڊ ڪيو ويندو. هن چيو ته نمائش ۾ رکيل ناياب تصويرون پاڪستا?? جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن لاءِ اهميت رکندڙ هونديون. افتتاحي تقريب ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت وزارت جا ٻيا اعليٰ آفيسر به موجود هئا.