اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سندس حڪومت سمورن تاريخي ماڳن کي بح??ل ڪرڻ ۽ بهتر بڻائڻ جي خواهشمند ??هي. اها ڳالهه هن ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چئي، وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته شاهي قلعه لاهور کي بح??ل ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ ان کي محفوظ ڪيو ويو ??هي. وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽر تي قلعه جي ر??گ روغن، مرمت ۽ بحالي کانپوءِ جي تصوير به شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ شاهي قلعه بحالي کانپوءِ خوبصورت ۽ وڻندڙ منظر پيش ڪري رهيو آهي