اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سريلنڪا جي مشهور ٻڌ ڀڪشوئن جي 11 رڪني وفد ملاقات ڪئي آهي. اهو وفد حڪومت جي دعوت تي پ??ڪستان جي دوري تي آيل آهي. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي پ??ڪستان ۽ سريلنڪا جي عوام جي وچ ۾ رابطي ۽ بين المذاهب هم آهنگي وڌائڻ ??ي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي شاندار گنڌارا تهذي??ي ورثي کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان کي دنيا ۾ ٻڌهن جي سڀ کان مقدس ماڳن کي سارسنڀال ڪرڻ تي فخر آهي، پاڪستان ۾ سڄي دنيا کان سياح مذهبي ما??ن جي زيارت لاءِ ايندا آهن، هن چيو ته پاڪستان ۾ بي مثال قدرتي حسن سان مالا مال ۽ تاريخي ۽ تهذيبي ماڳ آهن، وزيراعظم وفد کي ٻڌايو ته سندس حڪومت ٻڌهن جي مقدس ما??ن جي حوالي سان هڪ ??ري?? بڻائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن جي ذريعي هو پنهنجي مقدس ماڳن کي زيارت ڪري سگهندا، هن چيو ته ان ??ري?? سان جديد سهولتون فراهم ڪيون وينديون جنهن سان سڄي دنيا مان ايندڙ ٻڌ زائرين کي پنهنجي مقدس ما??ن جي زيارت ڪرڻ ۾ سهولت حاصل ٿيندي، وفد حڪومت طرفان ان منصوبي ۽ پاڪستان م ٻڌهن جي مذهبي ماڳن ۽ آثار قديمه جي بحالي ۽ رنگ روغن کي ساراهيو، وفد چيو ته پاڪستان سڄي دنيا جي سياحن ۽ زائرين لاءِ پرڪشش ملڪ آهي، وفد سريلنڪا سان پاڪستان جي پ??اڻي دوستاڻي لاڳاپن، تعاون ۽ يڪجهتي کي ساراهيو.