ترجمو: روپ ميگهواڙ
مذهبي سياحت عالمي سطح تي معيشت جي ترقي جي ??اءِ هڪ اهم حيثيت اختيار ڪري چڪي آهي، سڄي دنيا ۾ مختلف مذهبن جا پيروڪار لکين ماڻهو مذهبي فرضن جي ادائيگي ?? روحاني سڪون لاءِ هر سال مقدس ماڳن جي سفر تي ويندا آهن. هر سال تقريبن 300 کان 330 ملين سياح دنيا جي ??ختلف مذهبي ماڳن تي ويندا آهن جيڪي اربين ڊالرز جي ??رڏيهي ناڻو پيدا ڪرڻ جو ذريعو آهي. پاڪستان دنيا جي ??ختلف قديم تهذيبن جو گهوارو آهي ۽ هڪ اهڙي خطي ۾ واقع آهي جيڪو دنيا جي ??ن وڏن مذهبن هندو مت، ٻڌمت ۽ سک مت جي ??يروڪارن جا هزارين سال پراڻا تاريخي ۽ مذهبي ماڳن جي ??ڪ وڏي تعداد سان مالا مال آهي. پر ان جي باوجود پاڪستان جو سياحت جو شعبو ڀارت، ترڪي، سريلنڪا ۽ خطي جي ??ين ملڪن کان تمام گهڻو پوئتي آهي جنهن جو اهم سبب سيڪيورٽي جا مسئلا، فنڊن جي کوٽ، ڌيان نه ڏيڻ سميت ٻيا ڪيترائي معاملا آهن، خاص طور تي نائين اليون جي ??اقعن کانپوءِ پاڪستان جي سياحت جي انڊسٽري کي تمام گهڻو نقصان پهتو، ان ڏس ۾ سڄي ملڪ ۾ سياحت جي ??روغ لاءِ ويزا پاليسي ۾ نرمي، سياحن کي مائل ڪرڻ لاءِ سياحت بابت خدمتن ۽ سهولتن جي ??راهمي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ويندي رهي آهي، موجوده حڪومت جي ??وس عملي قدمن سان پاڪستان مستحڪم رفتار سان سياحت جي ??حاذ تي ترڪي ڪري رهيو آهي جنهن جو هڪ مثال ڪرتار پور راهداري منصوبو آهي جنهن جي تڪميل نه رڳو سک برادري جي دل کٽڻ لاءِ پر پاڪستان ۾ مذهبي سياحت جي ترقي جون نيون راهون کولي ڇڏيون آهن، اهڙي طرح جيڪڏهن اسان ٻڌمت جي ??رثي جي باري ۾ ڳالهه ڪريون ته سڄي پاڪستان ۾ ٻڌ مت مذهب کي مڃيندڙن جا هزارين سال پراڻا مذهبي سياحتي ماڳ موجود آهن، جنهن جي بحالي لاءِ حڪومت خاص ڌيان ڏئي رهي آهي.
وزيراعظم عمران خان 2018ع ۾ اقتدار سنڀالڻ کان فورن بعد ئي ملڪ جي ??عيشت کي سگهه ڏيڻ ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي اميج کي بهتر بڻائڻ لاءِ مذهبي سياحت کي فر??غ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، سريلنڪا جي تازي سرڪاري دوري ۾ وزيراعظم عمران خان سريلنڪن ٻڌ ڀڪشوئن کي دعوت ڏني ته هو اچن ۽ پاڪستان ۾ پنهنجا مقدس ٻڌ مت آثار ۽ مذهبي ماڳ ڏسن، وزيراعظم عمران خان جي خصوصي دعوت تي سريلنڪا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي ??دد سان 19 اپريل 2021ع کان ٻڌ مت مذهب سان تعلق رکندڙ مذهبي پيشوا پاڪستان جي دوري تي آيل آهن. اهي ٻڌ ڀڪشو پنهنجي سڄي هفتي جي دوري دوران ٻڌ مقامن ۽ عجائب گهرن جو دورو ڪندا. انهن جي ??اڪستان جو دورو ڪرڻ سان ايندڙ ڏينهن ۾ سڄي ملڪ ۾ مذهبي سياحت کي وڌيڪ فروغ ملڻ جي اميد ڪري سگهجي ??ي ڇو ته پاڪستان قديم ٻڌ تهذيب جو مرڪز ۽ گهوارو آهي جيڪو هيستائين دنيا جي اک کان اوجهل هو، سريلنڪن وفد جي تازي دوري سان ان جي اهميت ۾ اضافو ٿيندو،
ٻڌ مت وفد جي ??يادت ڊاڪٽر والپول پيانند ٿيرو ڪري رهيو آهي، اهو وفد پنهنجي ??ن ڏينهن جي ??اهور جي دوري کانسواءِ اسلام آباد، ٽيڪسلا، شهباز ڳڙهي، تخت ڀائي ۽ جهان آباد (سوات) ويندو. ٻڌ مذهبي پيشوائن جو اهو وفد مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي عهديدارن سان ملاقات ڪندو ۽ وفاقي گادي واري شهر ۾ پنهنجي دوري دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان به ملاقات ڪري رهيو آهي.
سريلنڪا جي گادي واري شهر ڪولمبو ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي سيڪنڊ سيڪريٽري عائشه ابوبڪر فهد ٻڌايو ته دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو نٿا ڄاڻن ته پاڪستان گنڌارا جي شاندار تهذيب ۽ ٻڌمت جو گهر آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ??يزن موجب مذهبي سياحت کي فر??غ ڏيڻ ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ جي ??اءِ ٻڌ مت جي ??ذهبي پيشوائن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ موجود تاريخي ورثي کي ڏسڻ جي دعوت ڏني آهي ته جئين اهي ڪيترائي مقدس ٻڌ مت مذهبي ماڳن کي ڏسن ۽ پنهنجي ??ذهبي رهنما مهاتما ٻڌ جي ??قدس ورثي جي ??اترا ڪري خراج عقيدت پيش ڪن.
ڊاڪٽر وال پيول پيانند ٿيرو چيو ته اسان کي اهو ڏسي خوشي ٿي آهي ته جيتوڻيڪ پاڪستاني ماڻهو ٻڌ مت جا پيروڪار ته نه آهن پر ان جي باوجود انهن مهاتما ٻڌ جي ??جس??ن، ٻڌمت آرٽ ۽ ٻڌمت جي تاريخي ورثي ۽ فن تعمير کي محفوظ ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مهاتما ٻڌ جي ??جس??ن جي ذريعي دنيا ۾ ٻڌمت پکڙيو ڇو ته ٻڌمذهب امن، همدردي ۽ رواداري جو پيغام ڏي ٿو، هن چيو ته پاڪستاني وزيراعظم عمران خان سريلنڪا ۾ هڪ عظيم ڪرڪيٽر ۽ اعتدال پسند سياستدان جي حيثيت سان ڄاتو وڃي ٿو، سريلنڪن ان جو وڏو احترام ڪن ٿا، ڊاڪٽر وال پيول پيانند ٿيرو چيو ته وزيراعظم عمران خان تازو ئي سريلنڪا جو دورو ڪيو ۽ ٻڌ ڀڪشوئن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ مقدس ٻڌ ماڳ ڏسڻ جي دعوت ڏني هئي، ان دعوت کي قبول ڪندي سريلنڪن ٻڌمت وفد پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.
وفد جي ??يمبر اودي دملوڪاٿيرو چيو ته ٻڌمت ۽ گنڌارا تهذيب جي تاريخ هزارين سالن تي ٻڌل آهي، اسان جو اهو دورو ٻڌ مذهب ۽ سرزمين پاڪستان جي ??چ ۾ صديون پراڻي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه بخشيندو. هن چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ امن ۽ سلامتي ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال جي حوالي سان اسان کي ڪجهه غلط فهميون ۽ خدشا لاحق هئا پر پاڪستان پهچڻ کانپوءِ اسان جا سمورا خدشا ختم ٿي چڪا آهن، هن چيو ته ٻڌ ياترين جي اچڻ سان لکين ماليت جو پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي ??و.
ڊاڪٽر اسيلا وڪرما سنگهي جيڪو سريلنڪا ۽ مالديپ جي باري ۾ سريلنڪا جي صدر جي سينئر سياسي صلاحڪار آهي، پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته موجوده حڪومت پاڪستان پاران ٻڌمت مذهب جي ??قدس ماڳن کي جيڪي ماضي ۾ بند ڪيا ويا آهن هئا، کي ٻيهر سياحن جي ??اءِ کولڻ هڪ بهترين قدم آهي، هن چيو ته سريلنڪن وفد جو تازو دورو پوري دنيا ۾ موجوده ٻڌ مت مذهب جي ??اڻهن کي پاڪستان طرف متوجهه ڪندو جنهن سان سياحت کي فروغ حاصل ٿيندو، ڊاڪٽر اسيلا وڪرما سنگهي چيو ته پابندين جي خاتمي سان جاپان، چين، ٿائي لينڊ ۽ ٻين ملڪن مان ٻڌ مت مذهب جا ماڻهو به انهن مقدس ماڳن کي ڏسڻ لاءِ ايندا. هن چيو ته اهو پاڪستاني قوم جي تمام وڏي خوش قسمتي آهي ته کين عمران خان جهڙو دور انديش وزيراعظم ۽ اڳواڻ مليو آهي.
لاهور ميوزيم جي ڊائريڪٽر اعجاز احمد منهاس دوري جي ??وقعي تي چيو ته و??د ۾ شامل ٻڌ ڀڪشو پنهنجي شاندار ماضي جي آثار ۽ مذهبي ماڳن کي ڏسڻ جي ??اءِ پاڪستان اچڻ تي گهڻا خوش ڏسڻ ۾ اچن ٿا، اعجاز احمد منهاس چيو ته و??د ۾ شامل هڪ ٻڌ پيشوا وزيراعظم عمران خان جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته جن مقدس آثار ۽ ماڳن بابت اسان صرف تاريخي ڪتابن ۾ پڙهندا هئاسين اڄ انهن کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ جو موقعو مليو آهي جنهن تي اسان پاڪستاني حڪومت ۽ خاص طور تي وزيراعظم عمران خان جا بي حد ٿورائتا آهيون، هن چيو ته ان دوري جو مقصد مذهبي سياحت کي فر??غ ڏيڻ آهي، وفد ۾ شامل ٻڌ مت مذهبي اڳواڻ سڄي دنيا سان تعلق رکن ٿا ۽ واپس وڃڻ کانپوءِ پاڪستان جي باري ۾ محبت ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پکيڙيندا.
هن چيو ته اميد آهي ته ان دوري سان ايندڙ ڏينهن ۾ ٻڌ مت سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد ان ٻڌ مت ورثي کي ڏسڻ لاءِ پاڪستان ايندو جنهن سان نه رڳو وڏو ناڻو حاصل ٿيندو پر دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت تشخص به اجاگر ٿيندو.
اي پي پي سنڌي سروس جي ??ورن سان