اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي ملاقات ڪ??ي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين سعودي سفير کي پارليامينٽ هائوس ۾ پنهنجي چيمبر ۾ خوش آمديد چيو. ملاقات ۾ ٻه طرفي تعاون، واپ??ر ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ رابطاڪاري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.