اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪ?? سڌارن جو مقصد ٽيڪ?? جي نظام کي آسا?? بڻائڻ آهي، سڌارن سان ٽيڪ?? جي نظام ۾ موجود خامين کي ختم ڪيو ويندو، ٽيڪس نظام اهڙي طرح ترتيب ڏنو وڃي ته ڪاروبار آسان ۽ معيشت ترقي ڪري. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ٽيڪ?? سڌارن بابت اجلا?? جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ناڻ?? وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، منصوبابندي ۽ ترق?? وارو وفاقي وزير اسد عمر، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جو واپار وارو خصوصي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو خصوصي مددگار ڊاڪٽر عشرت حسين، ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، نديم بابر، سيڙپڪاري بور?? وارو چيئرمين ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ٽيڪ?? سڌارن جو مقصد ٽيڪ?? جي نظام کي آسا?? بڻائڻ ۽ نظام ۾ موجود خامين کي ختم ڪرڻ آهي.