اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ عالم سڳورن جي هڪ اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ رمضان المبا??ڪ دوران تراويح نماز ۽ جمعي نماز بابت 20 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي. صدر رمضان المبا??ڪ دوران تراويح نماز ۽ جمعي نماز بابت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ ??ئن?? صوبن جي وڏن وز??رن، گورنرن، عالم سڳورن ۽ سياسي شخصيتن سان تفصيلي مشاورت ڪئي جڏهن ته ??ئن?? صوبائي حڪومتن کان ان حوالي سان لکت ۾ سفارشون طلب ڪيون هيون، صحت جي عالمي اداري جي سفارشن ۽ ڪورونا جي ڪري ملڪ جي اندروني صورتحال ??ي پڻ نظر ۾ رکيو ويو آهي، صدر جي ڀرپور ڪوششن سان مشاورت تي ٻڌل اهو متفقه پڌرنامو طئي ٿيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالم سڳورن جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي.