مهمند – 09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گئس ۽ بجلي جُون قيمتون نه وڌائڻ جو واضح اعلان ڪندي چيو آهي ته اسان جي حڪومت ملڪي نظام ٺ??ڪ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، مشڪل وقت مان گذري آيا آهيون، هاڻي سٺو وقت ايندو، مه??نگائي تي ضابطو آڻي ورتو آهي، ذخيره اندوزي ڪري پئسو ڪمائيندڙ کي نه ڇڏيندس، ڪجهه به ٿي وڃي بجلي گئس جي قيمت وڌڻ نه ڏينداسين پر گهٽ ڪنداسين، عوام ڪڏهن به اهڙي پارٽي کي ووٽ نه ڏي جنهن جا ٻ??هر??ن ملڪن ۾ محلاتون ۽ اڪائونٽس هجن، سڄي جو سڄو ٽولو ٻاهر ويٺو آهي، چوري نه ڪندڙ کي لنڊن ڀڄڻ جي ضرورت ناهي هوندي، افغانستان سان واپار جي لاءِ ??رحد کولي ويندي، افغانستان ۾ امن معاهدي جي ڪاميابي لاءِ ??عاڳو آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن احساس ڪفالت پروگرام جي حوالي سان هتي منعقد عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو.