اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي خاص مددگار ڊڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ??يو آهي ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) سميت ٻي رياستي ميڊيا جي ذميداري قومي بياني کي سگهه ڏيڻ آهي، رياستي ميڊيا پاڪستان جي روشن تشخص کي روشناس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ره?? آهي، وزيراعظم جي هدايت تي اي پي پي کي مضبوط رياستي ادارو بڻائن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهيون. هو ??الهه اربع جي شام مقامي هوٽل ۾ اي پي پي ايمپلائيز يونين (سي بي اي) طرفان پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪري رهي هئي، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ??يو ته اي پي پي هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن سان پاڪستان جو نالو ڳنڍيل آهي، اي پي پي ۾ ڪم ڪندڙن جو رشتو پاڪستان سان قائم آهي، هن ??يو ته اي پي پي کي هڪ مستند ادارو بڻائڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، جڏهن ته ادارن کي فعال ۽ بااختيار بڻائڻ اسان جي ذميدار?? آهي، هن ??يو ته اسان کي ان اداري جي بهتري لاءِ يونين سميت سمورن ملازمن کي گڏ کڻي هلڻو آهي، اداري جا حقيقي اسٽيڪ هولڊرز ان جا ملازم آهن.