اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ميرٽ جي فروغ لاءِ نظام ۽ ادارن کي مضبوط ڪندڙ ملڪ ۽ معاشرا سدائين ترقي ڪن ٿا، نئين پاڪستان ۾ نئين سوچ سان ميرٽ کي فروغ، آن لائن سسٽ?? تحت قرضن جي فراهمي، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ، ننڍن ۽ وچين صنعت کي وڌ کان وڌ آسانيون ڏيڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪامياب جوان پروگرام 100 سي??ڙو نوجوانن جي لاءِ آهي، ان جو فائدو ننڍي ۽ وچين درجي جي صنعتن کي به ٿيندو، سياح?? واحد ذريعو آهي جيڪا مٽاسٽا جو ناڻو تيزي سان پاڪستان آڻي سگهي ٿي. هو ڪامياب جوان پروگرا?? تحت بيروزگار نوجوانن کي قرضن جي فراهمي جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.