اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گم ٿي?? صحافي مدثر نارو جي والدين ۽ معصو?? پٽ ملاقات ڪئي، وزيراعظم مدثر نارو جي والدين کي واقعي بابت تحقيقات ۽ سموري ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي.
وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ انساني حقن واري وفاقي وزير شير??ن مزاري، اٽارني جنرل خالد جاويد خان ۽ گ??رو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر به موجود هئا. ان سلسلي ۾ وزيراعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي وڌيڪ تحقيقات ڪري مدثر نارو جي والدين ۽ پٽ کي تسلي بخش جواب ڏيڻ جي هدايتون جاري ڪيون، مدثر نارو جي والدين وزيراعظم جي خاطري تي اعتماد جو اظهار ڪيو.