اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان نگورنو ڪاراباخ جي مسئلي تي آذربائيجان جي موقف جي حمايت جاري رکندو، آذربائيجان سدائين ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي سفير جي رهائشگاهه تي آزادي جي جنگ جي شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي ل??ءِ منعقد تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ اهي ل??ڳاپا ??ڏي?? تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي هڪجهڙاين تي ٻڌل آهن، ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ مثالي تعاون ??ڏي?? اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو، مشڪل جي هر گهڙي ۾ ٻئ?? ملڪ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. سينيٽ چيئرمين آذربائيجان جي آزادي جي جنگ جي شهيدن کي خراج عقيدت ڪندي چيو ته آذري فوج آزادي جي جنگ ۾ ڪمال مهارت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو، سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته پاڪستان نگورنور ڪاراباخ جي مسئلي تي آذربائيجان جي موقف جي حمايت جاري رکندو ۽ پاڪستان ??ڏي?? قومن جي قراردادن تحت آذربائيجان جي علائقائي سالميت جي حمايت ڪندو رهيو آهي، هن چيو ته آذربائيجان سدائين ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي آهي، سينيٽ چيئرمين آرمينيا کان آزاد ڪرايل علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي حمايت جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، موسمياتي تبديلي ۽ ٻين شعبن ۾ گهڻ رخي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ پرعزم آهيون، سمورن عالمي فورمن تي آذربائيجان ۽ پاڪستان سدائين هڪٻئي جي موقف جي حمايت ڪئي ۽ مستقبل ۾ به اهو مثالي تعاون جاري رهندو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي ڀائيچاري جي فضا ڏٺي وڃي ٿي، پاڪستان، آذربائيجان ۽ ترڪي ??ڏي?? حڪمت عملي جي ذريعي خطي ۾ امن ۽ ترقي جي ل??ءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي آذربائيجان جي حڪومت، پارليامينٽ، عوام ۽ سياسي قيادت جي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان ۾ ترڪي جي سفير به شرڪت ڪئي.