اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد الحمد المالڪي ملاقات ڪئي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران سعودي سفير وز??را??ظم عمران خان کي ولي عهد محمد بن سلمان پاران آڪٽوبر 2021ع ۾ سعودي عرب جي ميزباني ۾ ”مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو“ جي موضوع تي ٿ??ند?? سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ باضابطه دعوت ڏني. واضح رهي ته سعودي ولي عهد پاران مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو جو اعلان هلندڙ سال جي آغاز ۾ ڪيو ويو هو، جيڪو وز??را??ظم پاڪس??ان جي ڪلين ۽ گرين پاڪس??ان ۽ 10 ارب سونامي ٽري منصوبي سان هڪجهڙائي رکي ٿ??. پاڪس??ان ۽ سعودي عرب ماحوليات ۾ تبديلي بابت پنهنجي حڪمت عملي ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ لاءِ به هڪٻئي سان ويجهو تعاون ڪري رهيا آهن. وز??را??ظم عمران خان کي ان سربراهه اجلاس ۾ ڏني و??ند?? دعوت ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪس??ان جي قائداڻي ڪردار جو اعتراف آهي.