اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌر?? فواد حسين چيو آهي ته اسان کي دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت ۽ روشن تشخص روشناس ڪرائڻو آهي، ان ڏس ۾ اطلاعات واري وزارت جي آفيسرن جو ڪردار بنيادي حيثيت رکي ٿو، انفارميشن گروپ ۽ ميڊيا تربيت جي عمل ۾ وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ انفارميش?? سروسز اڪيڊمي کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جديد سهولتن سان ليس ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انفارميش?? سروسز اڪيڊمي ۾ انفارميشن گروپ، گريڊ 18 جي آفيسرن جي لاءِ ڊومين اس??يس??فڪ مڊ ڪيريئر ڪورس جي پاس آئوٽ ٿيندڙ آفيسرن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.