اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي ۾ ترقي ۽ خو??حالي جي راهه هموار ڪندو، افغانستان ۾ امن ۽ نئين سر تعمير جي پيش نظر سي پيڪ جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ وڌندڙ تعاون ٻنهي مل??ن جي مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي آهي. هو ڪراچي ڪائونسل براءِ پر??يهي لاڳاپن جي اهتمام هيٺ سي پيڪ پرويبينار کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم جو خاص مددگار ۽ سي پيڪ اٿارٽي جو چيئرمين لفيٽننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، پاڪستان ۾ چين جو سفير يائو جنگ ۽ ڪراچي ڪائونسل آف فار رليشنز اڪرام سهگل به خطاب ڪيو.