اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مو??انا فضل الرحمان چيو آهي ته سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهيون جمهوري عمل جو اهم جُز آهن، افهام ۽ تفهيم کا?? پاسو ڪرڻ ۽ ڳالهين کا?? انڪار ڪرڻ غير جمهوري رويو آهي. اها ڳالهه هن حڪومتي اتحاد ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان ۽ مسلم ليگي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي سان ڳالهائيندي ڪئي، جنهن مو??انا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ساڻس ملاقات ڪئي ۽ سندس طبيعت پُڇي. هن چيو ته پاڪستان کي هر اعتبار سان استحڪام ۽ گڏيل اتحاد جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ سياسي هم آهنگي ضروري آهي. سينيٽر عرفان صديقي، مو??انا فضل الرحمان کي ??الهين واري عمل جي اڳڀرائي کا?? آگاهه ڪيو. هن ديني مدرسن جي رجسٽريشن جي معاملي کي احسن طريقي سان سلجهائڻ لاءِ مو??انا فضل الرحمان جي ڪوششن کي ساراهيو.