لاهور-04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ??ه حڪومت ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوا??ي سان هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ايس ايم ايز جي ترقي جي حوا??ي سان وفاق ۽ سمورا صوبا گڏجي ڪم ڪن. اهڙو اظهار هن ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن کي هٿي ڏيڻ ۽ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز ڊولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا) بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب هن چيو ته ننڍا ۽ وچولي درجا جا ڪاروبار ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي واري حيثيت رکن ٿا، پاڪستاني صنعتن کي گلوبل سپلائي چين جو حصو بڻائڻ جي حوا??ي سان ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ايس ايم ايز جي ترقي جي حوا??ي سان وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ سميڊا جي ڪارڪردگي جي حوا??ي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم ج?? هدايت تي سميڊا جو بورڊ جوڙيو ويو آهي ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو اجلاس باقاعدگي سان منعقد ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم ج?? هدايت موجب ملڪ ۾ ايس ايم ايز سيڪٽر جي ترقي لاءِ عالمي معيار جي ماهرن جو خدمتون حاصل ڪرڻ جي حوا??ي سان عمل جي شروعات ٿي چڪي آهي. ايس ايم ايز سيڪٽر جي اسٽيئرنگ ڪميٽي ۾ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي چيف سيڪريٽرين کي شامل ڪيو ويو آهي، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان بئنڪن ک?? هدايتون ڏنيون ويون آهن ته ايس ايم ايز کي قرضن جي فراهمي جي حوا??ي سان بئنڪ فارمز کي آسان بڻايو وڃي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته صنعتن ۽ پيد??وا?? واري وفاقي وزارت ايس ايم ايز سيڪٽر جي ترقي جي حوا??ي سان صوبائي حڪومتن سان رابطا وڌيڪ بهتر بڻايا آهن. ايس ايم ايز سيڪٽر جي حوا??ي سان سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومتن ان حوا??ي سان لائحه عمل تيار ڪري ورتو آهي جڏهن ته پنجاب، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جون حڪومتون جامع حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيون آهن. وزيراعظم ج?? هدايت تي سڄي ملڪ ۾ موجود ايس ايم ايز جي ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي، اجلاس ۾ صنعتن ۽ پيد??وا?? وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسر موجود هئا.