اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ، نجڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ملڪ ۾ پائيدار صنعتي ترقي ۽ معاشي بهتريءَ لاءِ سيڙپڪاري ڪندڙن کي پُرڪشش منافعو ملڻ گهرجي، جنهن سان روزگار ۾ واڌ ۽ هر شعبي ۾ ان جا مثبت اثر پيدا ٿيندا. اهڙو اظهار هن ملٽي نيشنل ڪمپني سي سي آءِ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪريم ياهي سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۾ بزنس کي هٿي ڏيڻ سميت سيڙپڪاريءَ جي ??والي سان اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي ??فاقي وزير چيو ته 24 ڪروڙ جي ??باديءَ جي پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ جا بي پناهه موقعا موجود آهن، جنهن سان ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي فا??دو کڻڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته پرڏيهي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ بزنس جون وڌيڪ سهولتون ڏئي رهيا آهيون، ضرورت ان ڳالهه جي ??هي ته پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۽ سرمايو لڳائيندڙن کي عملي طور سازگار ماحول ۽ پُرڪشش سهولتن جو احساس هجي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت جي هاڪاري قدمن سان ناڻي واڌ جي ??رح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي جيڪو انتهائي ساراهه جوڳو عمل آهي، ان سان نه صرف مستقبل ۾ ڪاروبار وڌندو پر سالياني اؤسر واري شرح ۾ به بهتري ايندي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي ??باديءَ جو وڏو حصو نوجوانن تي ??َڌل آهي ۽ اسان کي انهن جي ڪاروباري رجحان کي سامهون رکڻو پوندو. هن چيو ته ترڪيه جا ڪاروباري ادارا دل جي ويجهو آهن انهن سان خاص تعاون کي ي??ين?? بڻائينداسين. هن ڪريم ياهي جي ??رڪيه سان وابستگيءَ کي ساراهيندي کيس پنهنجي هر ممڪن سهڪار جي ??اطري ڪرائي.