اسلام آب??د-13 ڊسمبر (اي پي پي) توانائيءَ واري وزارت طرفان قومي اسيمبليءَ کي ٻُڌ??يو ويو ته وفاقي سرڪاري ملازمن کي فري سولر پينل يا آسان قرض اسڪيم جي ڪا تجويز غور هيٺ ناهي. توانائيءَ واري وفاقي وزير جي سربراهيءَ ۾ ٽاسڪ فورس 5 آءِ پي پيز سان ڳالهين کان پوءِ معاهدن تي نظرثاني ڪئي آهي ج??هن سبب به عام ماڻهو تي بار گهٽ پوندو. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران شائسته خان جي سوال تي توانائيءَ بابت وفاقي پارلياماني سيڪريٽري عامر طلال خان ٻُڌ??يو ته وفاقي سرڪاري ملازمن کي فري سولر پينل يا آسان قرض اسڪيم جي ڪا تجويز غور هيٺ ناهي. حڪومت 32 ملين ماڻهن کي سبسڊي ڏئي رهي آهي. ايوان کي وزارت طرفان لکت ۾ ٻُڌ??يو ته وزارت ۾ هن وقت سيلب سسٽم تي نظرثاني ڪرڻ جي ڪ??هن به تجويز تي ڪم ناهي ٿي رهيو.