اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان شا?? جي خلاف اسرائيلي جارحيت ۽ شامي سرزمين تي غيرقانوني قبضي ۽ شا?? جي بنيادي ڍانچي ۽ شهري ۽ فوجي ٺڪاڻن جي وڏي پئماني تي تباهي تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته شا?? جي خودمختياري ۽ ع??ائقائي سالميت تي اهو حملو عالمي قانون جي سنگين خل??ف ورزي آهي. هن چيو ته اسان شا?? جي خودمختياري ۽ لائقائي سالميت جي حمايت جو اظهار ڪريون ٿا ۽ طاقت جي ذريعي اسرائيل جي قبضي کي رد ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 497 جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا، جيڪو گولان جي جبلن تي اسرائيل جي الحاق کي ”باطل ۽ عالمي قانوني اثر کانسواءِ“ قرار ڏي ٿو. هن چيو ته پرڏيهي آفيس ۽ شام ۽ لبنان ۾ اسان جا مشنز شام ۾ پاڪستانين جي وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ??رگرم عمل آهن. ترجمان چيو ته اٽڪل 475 پاڪستاني بشمول 250 زائرين شا?? جي سرحد عبور ڪري لبنان پهچي چڪا آهن، انهن کي بيروت کان اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته اسان شام ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهرين جي حفاظت سان واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ لبنان جي حڪومت پاران ڏني ويندڙ حمايت کي ساراهيون ٿا.