اسلام آباد-21 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر ضلعي
جي علائقي راجگال ۾ سيڪيورٽي آپريشن ۾ فتنه الخوارج جي 4 دهشتگردن کي
جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي ف??رسز ??ي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موج?? وزيراعظم
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جي سپاهي عامر سهيل آفريدي جي شه??دت تي
افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيد سپاهي لاءِ بخشش ۽ وارثن لاءِ
صبر جي دعا ڪندي چيو ته قوم جي پٽن جون قربانيون رائيگان وڃڻ نه
ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾
ملائيندا رهنداسين، حڪومت ۽ سيڪيورٽي ف??رسز ملڪ مان فتنه الخوارج جي
مڪمل خاتمي لاءِ سرگرم عمل آهن.