اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران جو پاڪستان ۾ سفير ڊاڪٽر رضا اميري مق??م ايراني سفارتخاني جي اسٽاف سان گڏ هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده سان ملاقات ڪئي. وزارت جي ترجمان موجب ايراني سفير وفاقي وزير سان سندس ڀاءُ ج?? لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. وفاقي وزير مشڪل وقت ۾ گڏ بيهڻ تي ايراني سفير جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته ايراني قيادت ۽ عوام سان پاڪستان جي خاص محبت ۽ خلوص جو مضبوط رش??و آهي. ملاقات ۾ پاڪستان ايران ٻه طرفن ناتن تي به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.