اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل ڏينهن احتجاج ??وران شهيد ٿيندڙ نائيڪ محمد رمضان، سپاهي گلفام خان ۽ سپاهي شاهنواز خان جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چڪلاله، راولپنڊي ۾ پڙهي ويندڙ جنازي نماز ۾ وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم ۽ ??رڏ??هي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ سول ۽ ملٽري آفيسرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ??ه سياسي مفاد حاصل ڪر?? جي لاءِ پاڪستان ڪنهن فساد ۽ رتوڇاڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، ملڪ ۾ فساد ۽ انتشار جا اهڙا قدم مذمت جوڳا آهن. وزيراعظم چيو ??ه مون سميت پوري قوم احتجاج ??وران پنهنجي جانين جي پرواهه ڪر?? کانسواءِ ڊيوٽي تي مقرر جوانن کي خراج ??حسين پيش ڪري ٿي، پوري قوم احتجاج ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج ??قيدت پيش ڪري ٿي.