اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز ک?? خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي جوانن تي فخر آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? چيو ته سيڪيورٽي فورسز بهادر جوانن آواران، ڊيره بگٽي ۽ ڪيچ جي ضلعن ۾ 3 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪيو. وزير??عظ?? چيو ته آوارن ۾ 3 انتهائي گهربل دهشتگردن کي انهن جي منطقي انجام تائين پهچايو ويو، قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي جوانن تي فخر آهي. وزير??عظ?? چيو ته انسانيت جي دشمنن جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين، حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ متحرڪ آهي.