اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ”جيل مان آزاد ڪريو ته احتجاج ملتوي ڪندس“ جو بيان قيدي جي فرسٽريشن ۽ گهٻراهٽ جو اعترا?? آهي، ثابت ٿيو ته 24 نومبر تي انتشا?? جي ڪال جو مقصد ”ڊيل“ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ آهي. باني پي ٽ?? آءِ جي جيل مان بيان تي تبصرو ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جي??و چوندو هو ته ڊيل نه ڪندس، هاڻي ”ڊيل ڪريو، ڊيل ڪريو“ جون صدائون هڻي رهيو آهي ۽ وفاق تي لشڪرڪشيءَ ڪرڻ تي بضد آهي. توهان سان ڊيل رڳو ”قانون“ ڪندو جنهن جا توهان ڏوهاري آهيون.