اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بنون جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي خوارجي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي بهادر پٽن پن??نجي جانين جي قرباني ڏئي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. اربع ڏينهن پن??نجي بيان ۾ گهرو وزير شهادت ماڻيندڙ 12 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ وارثن ??ان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير چيو ته وطن جي امن خاطر جانيون نڇاور ڪندڙ پاڪ فوج جا جوان قوم جا هيرو آهن. سيڪيورٽي فورسز جي بهادر سپوتن جون عظيم قربانيون قيامت تائين ??اد رکيون وينديون. قوم شهيدن جي سدائين ??رضي رهندي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي بي مثال قربانين جو ڪو به مثال نٿو ملي. شهيدن جي خاندانن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ هميشه ساٿ نڀائينداسين.