رحيم يار خان – 19 – نومبر (اي پي پي) رحيم يار خان ۾ اکين جي علاج جي چئن ڏينهن واري مُفت ڪئمپ جو افتتاح ڪيو ويو، 500 کان وڌيڪ مريضن جي جديد طريقي سان علاج فيڪو سان اکين جا آپريشن ڪيا ويندا، مريضن کي مفت دوائون ۽ کاڌو پڻ ڏنو ويندو. اکين جي علاج جي اها مُفت ڪئمپ سعودي عرب مان آيل ڊاڪٽر مح??د اشرف نون ۽ ڊاڪٽر مح??د صديق چوڌري ج?? سرپرستي ۾ گلشن اقبال ۾ لڳائي وئي آهي. اکين جي ان مُفت ڪئمپ جو افتتاح اڳوڻي ايم پي اي چوڌري مح??د شفيق ڪيو، ان ڪئمپ لاءِ اڳوڻي ايگزيڪيوٽو ميمبر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري چوڌري شفيق الرحمان، گورنمينٽ ڪانٽريڪٽر چوڌري شاهد جميل، چوڌري طلحيٰ مح??د رفيق، صدر ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب قيصر غفور چوڌري خاص تعاون ڪيو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي سعودي عرب مان آيل اي اين ٽي اسپيشلسٽ ايڇ او ڊي دمام اسپتال پروفيسر ڊاڪٽر مح??د اشرف نون ۽ پروفيسر ڊاڪٽر مح??د صديق چوڌري چيو ته ان خير جي ڪم جي شروعات اسان 2009ع ۾ ڪئي هئي، سعودي عرب ۾ اسان جي ڊاڪٽرن جي هڪ تنظيم آهي ج??ڪا پنهنجي زڪوات جي رقم مان پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ اکين جي علاج جي مُفت ڪئمپ لڳائي مستحقين ۽ غريب ماڻهن جي اکين جا مُفت آپريشن ڪري ٿي ۽ مفت دوائون ڏي ٿي، رحيم يار خان ۾ ان کان اڳ اسان ڪيترائي ڀيرا ڪئمپ لڳائي چڪا آهيون هيستائين اسان 8 هزار مريضن جا مُفت آپريشن ڪري چڪا آهيون ۽ اهو صدقه جاريه آهي، ان کان اڳ بالاڪوٽ آزاد ڪشمير ۾ فري ڪئمپ لڳائي چڪا آهيون. هڪ سال کانپوءِ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ اسان اکين جي علاج جي مُفت ڪئمپ لڳائيندا آهيون جتي مستحق مريض فائدو حاصل ڪندا آهن. ان موقعي تي خاص مهمان چوڌري مح??د شفيق چيو ته خير جي ڪمن ۾ هر سرنديءَ واري کي حصو وٺڻ گهرجي ج??ڪڏهن امير ماڻهو پنهنجي زڪوات صحيح طريقي سان ادا ڪن ته پاڪستان ۾ ڪو ماڻهو به غريب نه رهندو ۽ نه ئي ڪو علاج کان محروم رهندو. هن ڊاڪٽر مح??د اشرف نون ۽ ڊاڪٽر مح??د صديق چوڌري ج?? ان نيڪ ڪم ک?? ساراهيو ۽ ان کي هڪ نعمت قرار ڏنو. ان موقعي تي چوڌري شفيق الرحمان، چوڌري حمزه شفيق، چوڌري شاهد جميل ۽ چوڌري طلحيٰ مح??د رفيق پاران مريضن جي لاءِ کاڌي ج?? اهتمام ڪيو ويو. ماهر ڊاڪٽرن پهرين ڏينهن 75 مريضن جا مفت فيڪو آپريشن ڪيا، چئن ڏينهن واري اکين جي مُفت ڪئمپ ۾ 5 سئو کان وڌيڪ مريضن جا مفت آپريشن ڪيا ويندا. مريضن جي وڏي انگ ڊاڪٽر مح??د اشرف نون، ڊاڪٽر مح??د صديق چوڌري ۽ چوڌري شفيق الرحمان جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ج?? اڳوڻو سينيئر نائب صدر چوڌري شوڪت حيات، سٽي صدر انجمن تاجران چوڌري عظمان اصغر پڻ موجود هُئا.