راولپنڊي-11 نومبر (اي پي پي) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير آسٽريلين آرمي جي چيف ليفٽيننٽ جنرل سائمن اسٽيورٽ سان ڪالهه جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. خاص طور تي عالمي ۽ علائقائي سيڪيورٽي جي ماحول تي ڳالهه ٻولهه ٿي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف آسٽريليا سان لاڳاپن جي اه??يت کي اجاگر ڪندي پاڪستان جو ان سان دوستاڻن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو۽ مضبوط ٻه طرفن لاڳاپن کي امن ۽ ??ست??ڪام جي گڏيل هدف کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آڻٽر قرار ڏنو. ٻنهي طرفان بچاءَ ۽ سلامتي جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ خطي ۽ عالمي امن جي لاءِ گڏيل سهڪار جي اه??يت کي تسليم ڪندي عزم کي ورجايو. ليفٽيننٽ جنرل اسٽيورٽ دهشتگرديءَ خلاف پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي دفاعي ۽ سلامتي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ جي ايڇ ڪيو اچڻ تي آسٽريلي آرمي چيف شهيدن جي يادگار تي گلن جي چ??در چاڙهي ته جيئن پاڪستان جي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪري سگهجي. کيس پاڪستان آرمي جي چ??ت جٿي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.