اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنا??اج?? ۽ ڊيٽا جو پائدار سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار آهي. آءِ ٽي ذريعي آبي وسيلن، ڪلائيمنٽ پيٽرن ۽ زرعي ضرورتن جي باري ۾ صحيح ۽ حقيقت تي ٻَڌل ڊيٽا حاصل ٿئي ٿي. هوءَ ڪالهه هتي ”بدلجندڙ آبهوا ۾ بهتر ??اڻي ۽ فوڊ سيڪيورٽي لاءِ جامع پاليسي سڌارن“ جي موضوع تي پارلياماني ڊائلاگ سيشن کي خطاب ڪري رهي هئي. هن چيو ته اڄ ٽيڪنا??اج?? استعمال سان پاڻيءَ جو مناسب استعمال يقيني بڻايو پيو وڃي، زرعي ش??بي ۾ ٽيڪنا??اج?? جو استعمال ڪيو پيو وڃي. مملڪتي وزير چيو ته ڊيٽا جو پاليسي سازيءَ ۾ اهم ڪردار آهي. آءِ ٽي وزارت، ??ءِ ٽي کي هٿي ڏيڻ ۽ بهتر ??بلڪ سروسز ڊليوري لاءِ ڊيٽا کي پهچ جوڳو بنائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. پاڪستان جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ تيزي سان ترقي ملڪ جي معاشي ترقيءَ ۾ ان جي اهم ڪرار جي نشاندهي ڪري ٿي، آءِ ٽي وزارت جدت، ڊجيٽل منتقلي ۽ اقتصادي ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. آءِ ٽي ش??بي جي روانگي واپار ۾ واڌ ٿي رهي آهي.