اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وز??راعظم 26 آڪٽوبر تي ايران تي ا??را??يل جي حملي جي شديد مذمت ڪندي ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. وز??راعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف سان ايران جي پرڏيهي وز??ر سيد عباس عراقچي وز??راعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ايران جي پرڏيهي وز??ر جي طور تي پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري تي ايندڙ عراقچي جي آجيان ڪندي وز??راعظم ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي ۽ صدر مسعود پيز شڪيان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي ايران سان ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وڌيڪ اهو ته وز??راعظم اعليٰ سطح جي مٽاسٽا کي برقرار رکڻ سان گڏوگڏ گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ وچ اوڀر جي خطي جي ڳڻتي جوڳي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ آزاد رياست حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد ۾ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي وز??راعظم فلسطيني عوام جي خلاف ا??را??يل جي جاري نسل ڪشيءَ مهم جي شديد مذمت ڪئي ۽ ان حوالي سان گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وز??راعظم غزه م فوري جنگبندي جي ضرورت، بنا روڪ انساني امداد جي فراهمي ۽ سڀ کان وڌيڪ فلسطيني عوام کي خودمختياري جي فتح نه ٿيڻ جوڳي حق جنهن جي انهن کي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن جي ضمانت ڏني وئي آهي، جي فراهمي تي پڻ زور ڏنو. وز??راعظم 26 آڪٽوبر 2024ع تي ايران تي ا??را??يل جي حملي جي شديد مذمت ڪندي ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ايران جي پرڏيهي وز??ر پاڪستان جي اصولي موقف تي وز??راعظم جا ??ورا مڃيا ۽ کيس خطي جي صورتحال جي حوالي سان ايران جي موقف کان آگاهه ڪيو.