راولپنڊي-29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان روسي فيڊريشن جي ??ائب دفاع واري وزير ڪرنل ??نرل اليگزينڊر وي فومين جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد ايئر هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي سهڪار ۽ صنعتي ڀائيواريءَ کي هٿي وٺرائڻ تي ڌيان ڏنو ويو، جڏهن ته گڏيل فوجي ??شقن ۽ پاڪ فضائيه جي اوزارن جي ??ني معاونت ذريعي موجوده لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جا نوان موقعا تلاش ڪيا ويا. آءِ ا??س پي آر موجب ايئر چيف روس سان فوجي ??اڳاپن کي مضبوط ڪرڻ تي زور ڀريندي گڏيل تربيتي پروگرامز، فوجي ??شقن ۽ صنعتي ڀائيواريءَ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ڪرنل ??نرل ايگزينڊر وي فومين موجوده قيادت تحت پاڪ فضائيه ۾ ٿيل تازي شاندار اڳ??رائيءَ کي ساراهيو. هن پاڪستان سان موجوده دفاعي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي فوجي ??اڳاپا ۽ پاڪ فضائيه جي اوزارن جي ??ني معاونت جي ??راهمي جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.