اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي پاڪستان جي لاءِ چين ??و شاندار تحفو قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان منصوبي کي اڳتي کڻي وڃڻ جي لاءِ پر??زم آهي ته جيئن زراعت، صنعتڪاري، قابل تجديد توانائي ۽ ٻين ??عبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏئي سگهجي، پاڪستان ڪشمير ۽ فلسطين ??ميت پر??ڻي مسئلن جي حل ۾ چين ??ي حمايت کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ون چائنا پاليسي جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي ڪانفرنس ”چانئا اينٽ 75: اي جرني آف پروگريس، ٽرانسفارميشن اينڊ گلوبل ليڊرشپ“ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چ??و ته چين پاڪستان تعاون جي علامت هجڻ جي ناطي سي پيڪ عوام کي لوڊشيڊنگ جي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ ۾ ملڪ جي توانائي جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪئي آهي. هن چ??و ته حڪومت زرعي ٽيڪنالاجي جي تربيت جي لاءِ هڪ هزار شاگردن کي چين موڪلڻ جي چيني آڇ کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن چ??و ته پاڪستان ڪشمير ۽ فلسطين ??ميت پر??ڻي مسئلن جي حل م چين ??ي حمايت کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ون چائنا پاليسي جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. نائب وزيراعظم چ??و ته آزمايل دوست هجڻ جي ناطي چين ۽ پاڪستان هڪ ٻئي جو قدرتي آفتن، معاشي رڪاوٽن ۽ جاگرافيائي سياسي تبديلين ۾ پڻ ساٿ ڏنو آهي. نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار چين ??ي ترقي جي سفر کي ساراهيندي چ??و ته گذريل 75 سالن ۾ چين ??هم سنگ ميل عبور ڪيا آهن ۽ هو هڪ بهتر دنيا جي لاءِ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، چيني قيادت ۽ عوام جي عزم ۽ محنت جو حوالو ڏيندي هن اميد ظاهر ڪئي ته وقت اچڻ تي چين ??ڀ کان وڏي معيشت بڻجي ويندو. هن چ??و ته چين ??لائي تحقيق کان وٺي مصنوعي ذهانت، ميڊيڪل سائنس، گرين ڊيولپمينٽ ۽ جديد ٽيڪنالاجي تائين 17 ٽريلين ڊالر کان وڌيڪ جي جي ڊي پي سان وڏي عالمي معيشت بڻجڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي تبديلين ??ا هدف حاصل ڪيا آهن. هن گهڻ رخي سفارتڪاري جي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ کانسواءِ عالمي سياسي ۽ اقتصادي منظرنامي تي امن ۽ استحڪام جي لاءِ چين ??ي ڪردار کي پڻ ساراهيو. نائب وزيراعظم چ??و ته پاڪستان ڪاميابي سان ايس سي او اجلاس جي ميزباني ڪئي جنهن جي چين ۽ روس جي وزيراعظمن سميت شريڪ اڳواڻن تعريف ڪئي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ڊاڪٽر عافي?? صديقي جي معاملي تي آمريڪي قيادت کي معاسي جي لاءِ قائل ڪرڻ جي حڪومتي ڪوششن جو ذڪر ڪيو جيڪي لاڀائتيُون ثابت نه ٿي سگهيون. هن چ??و ته وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر کي خط لکيو جنهن ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي ڊاڪٽر عافي?? صديقي جي لاءِ معاشي جي درخواست ڪئي وئي ڇو ته آمريڪي صدر عام طور تي عهدو ڇڏڻ کان اڳ ڪجهه معافيون ڏيندا آهن. هن چ??و ته آمريڪي ڪانگريس ميمبرن سان ملاقات جي لاء?? ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا ڊاڪٽر عافي?? صديقي جي معافي، آزادي ۽ ان کي پاڪسدتان واپس موڪلڻ جي حق ۾ لابنگ ڪندي. غزه ۾ اسرائيلي ڏاڍ جو ذڪر ڪندي هن چ??و ته پاڪستان انهن ملڪن مان هڪ آهي جن فلسطيني عوام جي حق ۾ آواز بلند ڪيو ۽ نسل ڪشيءَ جي فوري خاتمي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ آءِ سي جي جي فيصلن تي عملدرآمد جو مطالبو ڪيو آهي. محمد اسحاق ڊار چ??و ته 48 هزار بيگناهه فلسطيني شهيد ۽ 80 هزار زخمي ٿيا آهن جن مان اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي. نائب وزيراعظم لبنان ۽ ايران ۾ حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چ??و ته پاڪستان امدادي سامان جون 10 وڏيون کيپُون غزه موڪليون آهن ۽ ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪندڙ فلسطيني شاگردن کي پاڪستان جي سرڪاري ۽ نجي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي ميزباني شروع ڪري ڇڏي آهي.