اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي جي لاءِ مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو ??ي نظريي کي مشعل راهه بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ بيگم نصرت ڀٽو ??ي مشن تي ڪاربند رهنداسين. صدر مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو ??ي 13هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هن آمر جي خلاف عوام جي حقن ۽ جمهوريت جي بحالي جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي. صدر بيگم نصرت ڀٽو ??ي جمهوريت جي لاءِ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي ۾ سندس خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو مشڪل دور ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي کي قيادت فراهم ڪئي، جمهوريت جي لاءِ سندس قربانين ۽ سياسي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. صدر چيو ته بيگم نصرت ڀٽو ??مراڻي حڪومت جي ظلم ۽ ڏاڍ جو همت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو، ه??ءَ مادر جمهوريت ۽ عزم ۽ حوصلي جي علامت آهي. آصف علي زرداري چيو ته بيگم نصرت ڀٽو ??ياسي بصيرت رکندڙ ۽ مدبر اڳواڻ هئي، ه?? عورتن جي خودمختياري ۽ سياست ۾ انهن ??ي شموليت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. صدر چيو ته بيگم نصرت ڀٽو ??ي 13هين ورسيءَ تي سندس مشن کي جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا.