اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ??ٿيارن جي خاتمي بابت پروگرام جي ??يلوشپ جي شرڪت ڪندڙن پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب شرڪت ڪندڙن کي ڊائريڪٽر جنرل (آرمز ڪنٽرول ۽ هٿيارن جو خاتمو)، سفير طاهر اندرابي هٿيارن جي ڪنٽرول، هٿيارن جي خاتمي ۽ عدم ڦهلاءُ تي پاڪستان جي ??وقف تي بريفنگ ڏني. هن پرامن سماجي ۽ اقتصادي ايپلي ڪيشنز جي ??اءِ ٻٽي استعمال جي ??يڪنالاجيز تائين غيرمحدود پهچ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. گڏيل قومن جي ??ٿيارن جي خاتمي جي ??ي??لو?? جو تعلق 25 ملڪن سان آهي، اهي پنهنجي عالمي مطالعاتي دوري جي ??ڪ حصي جي طور تي 20 کان 23 آڪٽوبر تائين پاڪستان جي دوري تي آهن. دوري جو اهتمام پاڪستان حڪومت گڏيل قومن جي ??ٿيارن جي خاتمي بابت معاملن واري آفيس يو اين او ڊي او جي تعاون سان ڪيو آهي، جنهن جو مقصد عالمي سفارتڪارن کي پاڪستان جي ??اليسين ۽ هٿيارن تي ضابطو آڻڻ، هٿيارن جي خاتمي ۽ عدم ڦهلاءُ بابت اداراجاتي فريم ورڪ کان واقف ڪرائڻ آهي. پنهنجي دوري دوران فيلوز پاڪستان سينٽر آف ايڪسي لينس آن نيوڪليئر سيڪيورٽي، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ??نسٽيڪ، واهه ڪينٽ ۾ پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز، ٽيڪسلا ۾ هيوي مڪينيڪل ڪمپليڪس، نيشنل سينٽر فار فزڪس ۽ سينٽر فار انٽرنيشنل اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جو دورو ڪندا. شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جي ائٽمي تحفظ ۽ حفاظتي ڍانچي، ريگيوليٽري فريم ورڪ ۽ عالمي معيارن موجب اختيار ڪيل تحفظ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي. انهن معيارن کي عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي تسليم ڪيو آهي. پنسٽيڪ ۾ اهي پاڪستان اٽامڪ ريسرچ ري ايڪٽر ۽ صحت، صنعت، زراعت، خوراڪ جي حفاظت ۽ بجلي جي ??يداوار ۾ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي ??رامن استعمال جو مشاهدو ڪندا. 1978ع ۾ قائم ڪيل هٿيارن جي خاتمي تي گڏيل قومن جو فيلوشپس پروگرام يو اين او ڊي او جو هڪ باوقار پروگرام آهي ۽ نوجوان پيشيور ماڻهن کي قابل قدر تربيت فراهم ڪري ٿ??. پاڪستان ٻيو ڀيرو گڏيل قومن جي ??ٿيارن جي خاتمي جي ??يلوز جي عالمي مطالعاتي دوري جي ??يزباني ڪري رهيو آهي.