اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) سيني?? چيئرمين سي?? يوسف رضا گيلاني چيوآهي ته 8 آڪٽوبر 2005ع جو زلزلو قوم لاءِ آزمائش هئي. قوم ان آزمائش جي و??ت ۾ جنهن اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو. ان جو مثال نٿو ملي . گذريل ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب 8 آڪٽوبر جي زلزلي جي ياد جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ان زلزلي جي تباهڪارين ۽ ان جي نتيجي ۾ شهيد ٿيلن کي اسان اڄ تائين ناهي وساريو. سڄي قوم 8 آڪٽوبر جي قدرتي آفت دوران وڇڙي ويل ڪٽنبن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي . سيني?? چيئرمين سي?? يوسف رضا گيلاني چيو ته 8 آڪٽوبر جي زلزلي دوران سڄي قوم پنهنجي مصيبت ۾ ورتل ڀائرن سان گڏ بيٺل رهي. هن چيو ته ملڪي عوام جي ان بي مثال قومي اتحاد ۽ يڪجهتي م??اث??ن کي نئين سر پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ هڪ نئون حوصلو ۽ عزم ڏنو. ان قدرتي آفت دوران آزاد ڪشمير ۽ اترئين علائقن جا اٽڪل 80 هزار کان به وڌيڪ ماڻهون شهيد ۽ بي گهر ٿيا. سي?? يوسف رضا گيلاني چيو ته ان وقت م??اث??ين جي بحالي هڪ مشڪل مرحلو هيو پر قومي اتحاد ۽ يڪجهتي ۽ دوست ملڪن جي سهڪار سان بحالي جو اهو مشڪل ڪم ممڪن ٿيو.سيني?? چيئرمين وڌيڪ چيو ته اڄ به قوم کي 8 آڪٽوبر جي زلزلي کانپوءِ واري اتحاد ۽ يڪجهتي جي ضرورت آهي. اهڙي طرح پاڻ ۾ اختلافن کي وساري ملڪ کي درپيش چيلنجن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرائي سگهجي ٿو. سين?? چيئرمين سي?? يوسف رضاگيلاني 8 آڪٽوبر 2005 ع جي زلزلي ۾ شهيد ٿيلن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي ۽ ملڪ کي اهڙين آفتن مان محفوظ رکڻ جي دعا پڻ ڪئي.